خيرپور وارو قلمي نسخو

خيرپور وارو قلمي نسخو: اصل ۾ شاهه جي رسالي جو هيءُ نسخو خيرپور جي مير صاحبن جو هو، جنهن ۾ مير علي مراد اول جي 1249هه ۽ مير علي مراد ثانيءَ جي 1319هه جون مهرون لڳل آهن. هيءَ نسخو نهايت زبون ۽ منتشر حالت ۾ دستياب ٿيو ۽ شروع توڙي آخري ورقن جي ضايع ٿي وڃڻ سببان ڪتابت جي لکجڻ جو سن معلوم نه ٿي سگهيو. هڪ تحرير مان ڀائنجي ٿو ته ڪاتب غالباً 13 صدي هجريءَ جي اوائل ۾ هي نسخو لکيو. جيڪو لڳ ڀڳ پندرهن سئو کن ڊگهن صفحن تي مشتمل هو، پر باقي بچيل ورقن ۾ سڄا سارا يا اڌوگابرا 27 سُر، 2846 بيت ۽ 185 وايون موجود آهن. ڪاتب صورتخطي فارسي/ اردو تهجي اکرن ۾ لکي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو